حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جو پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جو خواب پورو ڪري رهي آهي: وزيراعظم


APP71-040322 ISLAMABAD: March 04 – Prime Minister Imran Khan along with Chief Minister Punjab Sardar Usman Buzdar receiving briefing on 2000 low cost Farash Town Apartments. APP

اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جو پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جو خواب پورو ڪري رهي آهي، شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين عمارتن جي تعمير جو ماڊل اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ سادي تقريب ۾ فراش ٽائون اسلام آباد جي گهٽ لاڳت ۾ اپارٽمينٽس جي قرعه اندازي جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت غريب طبقي کي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي خواب کي پورو ڪري رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرن جي الاٽمينٽ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي ۽ شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين عمارتن جي تعمير جي ماڊل کي اختيار ڪيو وڃي. فراش ٽائون منصوبو نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سي ڊي اي جي حصيداري سان مڪمل ڪيو پيو وڃي جيڪو ٻن هزار گهٽ لاڳت وارن اپارٽمينٽس تي ٻڌل آهي. هڪ اپارٽمينٽ جي قيمت 32 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 3 لک رپيا حڪومت سبسڊي ڏيندي جنهن جي ڪري في يونٽ لاڳت 29 لک رهجي ويندي. غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ اسلام آباد ۾ پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي سان اهو منصوبو مڪمل ڪيو پيو وڃي. اپارٽمينٽس جي خريداري جي لاءِ پرائيويٽ بئنڪون آسان قسطن تي قرضن جي سهولت پڻ ڏئي رهيون آهن. سبسڊي جي ڪري انهن اپارٽمينٽس جي ماهوار 13000 رپيا هوندي جڏهن ته مارڪيٽ ريٽ 38000 رپيا بڻجي ٿي. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ تقريب ۾ موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria

متعلقہ مضامین