جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهه ٻولهه ذريعي ئي پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل ممڪن آهي: صدر


APP50-050322 KARACHI: March 05 - President Dr. Arif Alvi addressing the Seminar on "Eastbound-A Talk for Culture Fostering Future" organized by Model United Nations IBA at IBA Main Campus. APP

ڪراچي – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهه ٻولهه ذريعي ئي پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل ممڪن آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته پهرين ۽ ٻي عظيم جنگ ۾ لکين ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي اچڻ کانپوءِ ڪا به جنگ دنيا جي بقاءَ لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهي ٿي. آءِ بي اي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڪبر زيدي چيو ته ڳالهه ٻولهه جي رجحان جي فروغ لاءِ سندن ادارو ميونڪ جي نالي سان هر تقريب منعقد ڪري ٿو جنهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان به شاگرد حصو وٺن ٿا. آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر هما بقائي چيو ته ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن جي فوري حل سان ئي پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.

مضمون کا ماخذ : números quina hoje

متعلقہ مضامین