وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس


APP13-310321 ISLAMABAD: March 31 - Federal Minister for Finance & Revenue, Muhammad Hammad Azhar chairing the meeting of the Economic Coordination Committee of the Cabinet. APP

اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ڀارت کان کنڊ، ڪپهه ۽ ڌاڳو درآمد ڪرڻ، ڪڻڪ جي نئين فصل جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت 1800 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ ۽ پاڪستان جي گلابي لوڻ کي پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن سان جيوگرافيڪل انڊيڪيشن (جي آءِ) جي طور تي رجسٽرڊ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاڪستان اسٽيل ملز جي لاءِ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران توسيع ڪيل 2522 ملين رپين جي سهولت بابت ليٽر آف ڪريڊٽ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي گارنٽي جاري ڪرڻ سميت ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو.

متعلقہ مضامین