اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ڪردار جيڪو 1970ع ۾ ڪيو هو، اسامه بن لادن کي مارڻ کانپوءِ آمريڪا کي مشن ختم ڪرڻ گهرجي ها پوءِ انهن افغانستان ۾ ڇا پئي ڪيو، آمريڪا کي پتو ئي نه هو ته هو افغانستان ۾ ڇا ڪرڻ آيا آهن، آمريڪي جنگ جو حصو بڻجڻ سان پاڪستان تباهه ٿيو، پاڪستان کي ڪڏهن به ان جنگ جو حصو نه بڻجڻ گهرجي ها منهنجي اولين ترجيح هن وقت پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام آهي، طالبان جي حڪومت ڪمزور ٿي ته اها داعش جهڙن عالمي دهشتگرد گروپن جو مقابلو نه ڪري سگهندي،پاڪ چين لاڳاپا عوام جي سطح تي پاڙون پڪيون ڪري ويا آهن، عروج ۽ زوال کان مٿانهن اسان جي لاڳاپن ۾ هڪ تسلسل آهي، پاڪستان ۽ چين ٻيهر سرد جنگ جو دور نٿا چاهين، ڀارتي حڪومت اهو سمجهي ٿي ته ڀارت صرف هندوئن لاءِ آهي جڏهن ته ٻين مذهبن کي مڃيندڙن کي ٻي درجي جو شهري سمجهيو ويندو آهي، ڀارت ڪشميرين کي خودمختياري واريو حق ڏيڻ کان انڪار جي ڪري وڌيڪ نقصان کڻندو، افغانستان ۾ آمريڪا جا مقصد واضح نه هجڻ جي ڪري ان کي ناڪام ئي ٿيڻو هو، افغانستان جي امداد نه ڪئي وئي ته انسان جو پيدا ڪيل سڀ کان وڏو الميو جنم وٺي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فودان يونيورسٽي چين جي ڊائريڪٽر کي خصوصي انٽرويو ڏيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته مون ٻن ڏهاڪن تائين عالمي ڪرڪيٽ کيڏي، اهو ڪنهن رانديگر جو عالمي راندين ۾ ڊگهو ترين ڪيريئر هو، هن چيو ته جيڪي عالمي پائي جا رانديگر هوندا آهن اهي باقي بچيل زندگي ڪمنٽيٽر يا ڪوچ بڻجي ميڊيا ۾ وڃي گذاريندا آهن ۽ انهن لاءِ ڪيترائي موقعا هوندا آهن پر جڏهن آئون رٽائر ٿيس ته مُون ڪڏهن به ٻيهر ڪرڪيٽ طرف وڃڻ نٿي چاهيو، وزيراعظم چيو ته خدا اسان سڀني کي تمام گهڻين صلاحيتن سان نوازيو آهي پر ان صلاحيت سان گڏ توهان تڏهن ئي انصاف ڪري سگهو ٿا جڏهن توهان پاڻ کي چئلينج ڪندا آهيو، اهڙي طرح توهان زندگي ۾ وڌيڪ مٿي ويندا آهيو ۽ جيئن ئي توهان پنهنجو پاڻ کي چئلينج ڪرڻ ڇڏي ڏيو ٿا ته توهان زوال جي طرف وڃو ٿا، الله تعاليٰ اسان انسانن کي اهڙو ئي تخليق ڪيو آهي، مون سدائين پنهنجي راندين جو ڪيريئر ختم ٿيڻ کانپوءِ ان کان ڪنارو ڪرڻ چاهيندو هئس، آئون اُن زندگي سان جڙيل رهڻ نه چاهيندو هئس، ان لاءِ مون راند کان ڪنارو ڪرڻ کانپوءِ پهرين ڪينسر اسپتال ٺاهي ڇو ته ان وقت پاڪستان ۾ ڪينسر جي ڪابه اسپتال نه هئي ۽ شوڪت خانم ملڪ جو سڀ کان وڏو خيراتي ادارو به هو ۽ اڄ به آهي ۽ هاڻي مون عطين سان ٻي ڪينسر اسپتال ٺاهي آهي ۽ هاڻي ٽئين اسپتال جي تعمير جي عمل ۾ آهيان، ان کانسواءِ ٻه يونيورسٽيون به ٺاهيون آهن ۽ اهي سمورا خيراتي آهن، ڪو به ڪاروباري ادارو نه آهي، بنيادي طور تي هي انهن ماڻهن جي لاءِ آهن جيڪي يونيورسٽي جي معياري تعليم جا خرچ ۽ ڪينسر جي علاج جا خرچ برداشت ڪرڻ جي قابل نه آهن، وزيراعظم چيو ته شوڪت خانم اسپتالن مان تقريبن 75 سيڪڙو ماڻهو ڪينسر جو مفت علاج ڪرائيندا آهن ۽ يونيورستين ۾ 90 سيڪڙو شاگرد مفت تعليم حاصل ڪندا آهن، وزيراعظم چيو ته آئون انهي طرف اڳتي وڌي رهيو هئس، پوءِ مون سياست ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ڇو ته مون کي احساس ٿيو ته ڪجهه بگڙيل سياستدان اسان جو ملڪ تباهه ڪري رهيا آهن، منهنجو ايمان آهي ته ملڪ غريب صرف بدعنواني جي ڪري آهي، بدعنواني قانون جي حاڪميت نه هجڻ جي هڪ علامت آهي، اهڙو ملڪ جيڪو پنهنجي طاقتور کي قانون جي تابع نٿو آڻي سگهي، ”بنانا ريپبلڪ“ بڻجي ويندو آهي ۽ ان جي عوام غربت جو شڪار ٿي ويندي آهي، اهو ئي سبب آهي ته جو آئون سياست ۾ آيس، منهنجو منشور ٻن اصولن تي ٻڌل هو هڪ قانون جي حڪمراني ۽ ٻيو پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ، انهي ڪري 25 سال پهرين آئون سياست ۾ آيس، مون 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ آخرڪار ان منصب تائين پهتس، افغانستان جي صورتحال بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته آمريڪين افغانستان جي تاريخ جو مطالعو نه ڪيو، هڪ چوڻي آهي ته جيڪي ماڻهو تاريخ مان سبق حاصل نٿا ڪن هو ان کي ورجائي برباد ٿيندا آهن، تنهن ڪري جيڪو به افغانستان جي تاريخ ڄاڻي ٿو اهو ائين نه ڪري ها جيئن آمريڪا ڪيو،آئون اهو ماڻهو هئس جنهن شروع ڏينهن کان چوندو آيو آهيان ته آمريڪي افغانستان ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، کين سمجهه ئي نه هئي ته هو افغانستان ۾ حاصل ڇا ڪرڻ چاهيندا هئا، ڇا هو قوم جوڙڻ چاهيندا هئا يا هو جمهوريت آڻڻ چاهيندا هئا يا هو افغان عورتن کي آزادي ڏيارڻ آيا هئا، انهن جا ڪي واضح مقصد ئي نه هئا، جيڪڏهن ڪجهه هو ته جڏهن هڪ ڀيرو اسامه بن لادن کي آمريڪين ماري ڇڏيو هو ته ان جو مشن ختم ٿي وڃڻ گهربو هو ڇو ته ظاهر ۾ اهي صرف القاعده سان وڙهڻ لاءِ آيا هئا پر القاعده ته افغانستان ۾ پهرين ٻن سالن ۾ ئي ختم ڪئي وئي هئي ته ان کانپوءِ هو اتي ڇا ڪري رهيا هئا، آمريڪين مان ڪو به نه ڄاڻيندو هو ته هو اتي ڇا ڪري رهيا هئا، جڏهن توهان جي سامهون واضح مقصد ئي نه هجن ته توهان هڪ ملڪ تي چڙهائي ڇو ڪئي ته اهو هر صورت ۾ ناڪامي تي ئي ختم ٿيڻو هو. ٻي ڳالهه ته هو افغانين جي ڪردار کي ئي نٿا سمجهن، افغانستان جي عوام پنهنجي ملڪ تي غير ملڪي حاڪميت قبول نٿا ڪن، هو ٻاهران کان ڪنٽرول ڪرڻ قبول نٿا ڪن، هو دنيا جا سڀ کان آزاد منش ماڻهو آهن، تنهن ڪري جيڪو ڪو به سمجهي ٿو ته هو افغانستان جي ماڻهن کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو يا ان تي قبضو ڄمائي سگهي ٿو ته ان انهن جي تاريخ نه پڙهي آهي، ان لاءِ مون 20 سالن تائين اهو چوندو رهيس ته ان جو ڪو به فوجي حل نه نڪرندو ڇو ته آئون افغانستان جي تاريخ کان واقف آهيان. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ڪير اها ڳالهه نه سمجهيو ڇو ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي پنهنجي هٿيار جي طاقت تي تمام گهڻو ڀروسو هو، هو پاڻ کي فتح نه ٿيڻ جوڳو سمجهندا هئا، تنهن هوندي به جيڪڏهن ماڻهو توهان جي حڪومت کي قبول نٿا ڪرڻ چاهين ته توهان انهن تي حڪومت نٿا ڪري سگهو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن غير ملڪي حملي آور کي قبول نه ڪن ته ان حملي آوار کي وڌيڪ عرصي تائين کين حراست ۾ رکڻ ۾ مشڪلاتُون ٿينديُون، ان لاءِ پهرين ڳالهه ته آمريڪا جو سڄو منصوبو ئي غلط منطق تي ٻڌل هو ۽ ان جو ڪو واضح مقصد نه هو ۽ ان کي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيڻو هو، هاڻي 40 سالن کانپوءِ پهريون موقعو آهي ته حقيقت ۾ افغانستان ۾ ڪا ويڙهه نه ٿي رهي آهي، اتي ڪا خانه جنگي نه ٿي رهي پر افغانستان کي جيڪو مسئلو درپيش آهي، اهو هي آهي ته ڪنهن سبب ڪري آمريڪي طالبان جي حڪومت ۽ 4 ڪروڙ افغان شهرين ۾ فرق نه پيا ڪري سگهن، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ هڪ تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي ۽ هي اها شيءَ آهي جنهن کان بچڻ گهرجي، مون هر فوم تي آواز بلند ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته جڏهن آمريڪي اتي موجود هئا تڏهن به اڌ کان وڌيڪ افغان آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهي هئي، جڏهن هڪ ملڪ جيڪو پنهنجي بجيٽ جي 75 سيڪڙو لاءِ غير ملڪي امداد تي ڀاڙي رهيو هجي، توهان جي امداد بند ڪري ڇڏيو ۽ ان ملڪ تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيو ته اهو انسان جو پيدا ڪيل سڀ کان وڏو انساني بحران بڻجي سگهي ٿو، وزيراعظم چيو ته چين، پاڪستان پاڙيسرين، يورپي ملڪن سميت سڀني کي جيڪو ڪم لازمي ڪرڻ گهرجي اهو هي آهي ته آمريڪين کي قائل ڪن ته افغانستان جي حوالي سان اڳتي وڌڻ جو اهو طريقو نه آهي ڇو ته افغانستان ۾ افراتفري ٿيندي آهي ته اها وجهه جنهن لاءِ آمريڪا بنيادي طور تي افغانستان جو رخ ڪيو هو اهو دهشتگردي هئي ۽ جيڪڏهن افغانستان ۾ افراتفري ٿي آهي ۽ طالبان حڪومت ڪمزور ٿيندي آهي ته هو آءِ ايس آءِ ايس (داعش) جهڙي عالمي دهشتگرد گروهن جو مقابلو ڪرڻ جي قابل نه هوندي، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي اولين ترجيح پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام آهي، اسان جي آبادي جو تقريبن 25 کان 30 سيڪڙو غربت جي لڪير کان هيٺ آهي، پاڪستان ۾ اسان گذريل 30 سالن ۾ خاص طور تي زوال ٿيو آهي، ٻن خاندانن جي ملڪ لُٽڻ لاءِ واريون وٺڻ جي ڪري ۽ پوءِ يقينن دهشتگردي جي خلاف آمريڪا جي جنگ جو حصو بڻجڻ جي ڪري، جيڪا پاڪستان جي تباهي ثابت ٿي آهي، پاڪستان کي ڪڏهن به جنگ ۾ حصو نه وٺڻ گهربو هو، جتي امريڪا کي نائين اليون کانپوءِ 20 سالن ۾ ٻه، ٽي يا چار هزار ماڻهن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، پاڪستان کي 80 هزار ماڻهن جو جاني نقصان ٿيو ۽ اسان کي معيشت ۾ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو، اسان جي اولين ترجيح ان وقت پنهنجي ماڻهن جي سارسنڀال ڪرڻ آهي، منهنجي حڪومت جو سڄو زور جيو اڪنامڪس تي آهي، اسان پنهنجي معيشت کي بهتر ڪرڻ چاهي رهيا آهيون ۽ پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ اسان چين کان سکڻ چاهيون ٿا جيڪو چين حاصل ڪيو اسان ان جي ڪري چين کي نموني طور ڏسون ٿا ڇو ته ڪنهن به قوم پنهنجي ٿوري وقت ۾ ايترن ماڻهن کي غربت مان ناهي ڪڍيو جيترو چين ڪيو آهي، منهنجي اصل ڪوشش اها ئي آهي ته آئون ڪيئن ماڻهن کي غربت مان ڪڍان ۽ ڪيئن ملڪ ۾ دولت جي پيداوار ٿئي، اسان سي پيڪ ۽ گوادر کي پنهنجي جيو اڪنامڪس لاءِ هڪ زبردست موقعي جي طور تي ڏسون ٿا، منهنجي خيال ۾ صرف پاڪستان ۽ چين لاءِ مخصوص نه آهي پر اسان ڪنهن به ملڪ کي دعوت ڏيون ٿا ته هو اسان جي ان منصوبي جو حصو بڻجي ۽ سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري، يقينن مستقبل ۾ ڪيترائي معاشي موقعا پيدا ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون ڪرڪيٽ جي ڪري ڪيترن ئي پاڪستانين جي مقابلي ۾ ڀارت جي باري ۾ وڌيڪ بهتر ڄاڻا ٿو، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪرڪيٽ تمام گهڻي مقبول آهي، ڪرڪيٽ جو رانديگر هوندي مون ڀارت ۾ وڌيڪ ڪرڪيٽ کيڏي آهي، ڀارت جا ماڻهو مون سان وڌيڪ محبت ۽ احترام ڪندا هئا، آئُون شايد ڀارت ۽ ڀارتين کي پاڪستانين کان وڌيڪ بهتر ڄاڻان ٿو، جڏهن منهنجي حڪومت آئي ته ڀارت سان لاڳاپن جي معمول تي بحالي منهنجي ترجيح هئي، هن چيو ته اسان جو ڀارت سان وڏو مسئلو ڪشمير آهي، ڀارت ڪشمير جي عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ کان اڪار ڪندو رهيو جڏهن ته ان مطالبي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ضمانت حاصل آهي، بدقسمتي سان ڀارت ڪشميرين جي ان مطالبي کي ٺڪرايندو رهيو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اهو بنيادي تڪرار آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تسليم ڪيو آهي پر آئون سمجهان ٿو ته بدقسمتي سان ان مسئلي سان پاڪستان جي مقابلي ۾ ڀارت کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي ۽ پهچندو. وزيراعظم چيو ته ڀارتي حڪومت اهو سمجهي ٿي ته ڀارت صرف هندوئن لاءِ آهي، ائين ڪرڻ بنيادي طور تي 60 يا 70 ڪروڙ ماڻهن کي محدود ڪرڻ جي برابر آهي، هاڻي کين ٻي درجي جو شهري سمجهيو ويندو آهي جنهن ۾ 20 ڪروڙ کان وڌيڪ مسلمان به شامل آهن، ان لاءِ ڀارت ۾ هڪ مشڪل ترين صورتحال آهي، وزيراعظم چيو ته ڀارت کي اندر کان مسئلا درپيش آهن، ان جي پنهنجي پاڙيسرين سان به تڪرار آهن، اسان اها ئي اميد ڪري سگهون ٿا ته ڀارت سان بهتر فيصلا ٿيندا پر صورتحال بهتر نه هجڻ جو ڀارت کي وڌيڪ نقصان پهچندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪو به ملڪ سدائين پنهنجي برتري قائم نٿو رکي سگهي، سمورن ملڪن کي هڪ اعتماد سازي ۽ جدوجهد جي دور مان گذرڻو پوندو آهي، ان مان هڪ عزم هوندو آهي ۽ هو ٻين ملڪن کان اڳتي نڪري ويندا آهن پر هڪ وقت ايندو آهي جڏهن اهو ملڪ سستي روي جو شڪار ٿي ويندو آهي، ان جو جذبو ختم ٿي ويندو آهي ته ان وقت ڪو ٻيو ملڪ اڳتي اچي ويندو آهي، اها ئي انساني تاريخ آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا کي سرد جنگ کان بچڻ گهرجي، مون چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ افسوسناڪ رجحان ڏسي رهيو آهيان، ان کي آساني سان هڪ صحتمند مقابلي جي شڪل ڏئي سگهجي ٿي، ان صورت ۾ سڄي دنيا کي فائدو ٿيندو، وزيراعظم چيو ته منهنجو ڌيان صرف هڪ شيءِ تي آهي ۽ اها هي ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جو ڪيئن خيال رکيو وڃي جنهن مان اڌ ماڻهو مشڪل صورتحال ۾ آهن، ان مان اڌ غربت جي لڪير کان ٿورو مٿي ۽ اڌ ان کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن، ان لاءِ منهنجي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ان ڳالهه تي آهي ته انهن ماڻهن جي ڪيئن سارسنڀال ڪئي وڃي ۽ ڪيئن انهن جي بنيادي سهولتون پهچايونو ن، پنهنجي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ڪيئن قائم ڪئي وڃي ۽ اسان ڪهڙي به طرح جي تڪرارن کان بچڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم چيو ته چين ۽ آمريڪا جي حوالي سان اسان ئي اهو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪو پاڪستان 1970ع ۾ ادا ڪيو هو، جڏهن اسان چين ۽ آمريڪا کي هڪ ميز تي ويهاريو هو، جڏهن ڊاڪٽر ڪسنجر پنهنجي مشهور زمانه چين جي دوري تي آيو هو، آئون ٻيهر پاڪستان کي اهو ئي ڪردار ادا ڪندي ڏسان ٿو، بدران ان جي ته اسان مخالف بلاڪس ۾ گهيرجي وڃون، آئون سمجهان ٿو ته ان صورتحال سان دنيا متاثر ٿيندي، وزيراعظم چيو ته آئون سمجهان ٿو ته چين هر گز هڪ ٻي سرد جنگ نٿو چاهي، وزيراعظم سنڪيانگ جي صورتحال جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان چين ۾ پنهنيج سفير معين الحق کي خاص طور تي سنڪيانگ موڪليو ته هو اتي جي صورتحال جو جائزو وٺي ۽ اتي جي معاملن جي باري ۾ معلوم ڪري، جيڪا رپورٽ هن ڏني اها ان کان بلڪل مختلف هئي جيڪو ڪجهه اولهندي ميڊيا ۾ پيش ڪيو پئي ويو، ان جي رپورٽ موجب اتي تيزي سان ترقي جو عمل جاري آهي، سنڪيانگ ۾ چين پاران ترقي تي غير معمولي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جيڪو ڪجهه اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ان طرح جي ڪا به شيءَ سنڪيانگ ۾ اويغور جي خلاف موجود نه آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته آمريڪا به پاڪستان جو بهترين دوست آهي پر اها چين وانگر دوستي نه آهي جيڪا حالتن جي لاهن چاڙهن کان مٿانهين هجي. اهڙو به وقت هو جڏهن اسان آمريڪا سان گهرا دوستاڻا لاڳاپا هئا، پوءِ وري جڏهن پاڪستان جي ضرورت نه رهي ته هن پاڪستان کان ڪنارو اختيار ڪري ورتو، ان کانپوءِ وري دوستاڻا لاڳاپا بحال ٿي ويا، مثال طور پاڪستان افغانستان ۾ سوويت يونين جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ هو، ان وقت پاڪستان آمريڪا جو دوست بڻجي ويو، هن اسان جي مدد به ڪئي ۽ هو اسان سان تمام سٺا هئا، جيئن ئي سوويت يونين افغانستان مان هليو ويو ته هنن اسان تي پابنديون لڳائي ڇڏيون 10 سالن کانپوءِ جڏهن نائين اليون ٿيو ته وري انهن جا سان سان لاڳاپا قائم ٿي ويا ۽ جڏهن هو افغانستان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ته ان شڪست جو ذميدار اسان کي ٺهرايو ويو، اسان جا آمريڪا سان ائين لاڳاپا ناهن رهيا جيئن چين سان آهن، چين سان 70 سالن کان لاهن چاڙهن کان مٿانهن لاڳاپن ۾ هڪ تسلسل آهي، پاڪستان هر فورم تي چين سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ چين جڏهن به ڪڏهن پاڪستان کي ضرورت پئي ته اسان جو ساٿ ڏنو آهي، چين سان اسان جي لاڳاپا عوام جي سطح تي پاڙون پڪيون ڪري ويا آهن، هاڻي عوام جو عوام سان رابطو آهي، ان سان ڪو به فرق نٿو پوي ته پاڪستان ۾ ڪير اقتدار ۾ آهي جيڪو به هتي اقتدار ۾ ايندو سدائين ان جا چين سان ويجها دوستاڻا لاڳاپا هوندا ڇو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي عوام ۾ آهي.
پاڪستان آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو : عمران خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ