پاڪستان چين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه ڏسي ٿو: وزيراعظم


APP57-020222 ISLAMABAD: February 02 – Prime Minister Imran Khan chairing the preparatory meeting regarding his visit to China. APP

اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان چين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه ڏسي ٿو ۽ سندس چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، سيڙپڪاري، واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ جاري ٺوس منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، مملڪتي وزير فرخ حبيب، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص معاون شهباز گل ۽ خالد منصور شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : رومن دولت

متعلقہ مضامین