ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس


APP38-08 ISLAMABAD: April 08 - Adviser to the Prime Minister on Finance and Revenue, Dr. Abdul Hafeez Shaikh chairing the meeting of the Economic Coordination Committee (ECC) of the Cabinet. APP

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم جي رليف پئڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي لاءِ اعلان ڪيل 50 ارب رپين جي منظوري سميت وڌيڪ 6 ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڇهن ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تي عملدرآمد ڪندڙ ايجنسين جي لاءِ هلندڙ مالي سال جي لاءِ 84 ڪروڙ 20 لک رپيا، پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي لاءِ 90.459 ملين رپيا ۽ پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي، پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني گرانٽس سان دفاع واري وزارت هيلي ڪاپٽر جي مرمت لاءِ وڌيڪ پرزا خريد ڪندي.

مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ

متعلقہ مضامین