سيڪيورٽي فورسز جو بلوچستان جي 3 ضلعن ۾ آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر


راولپنڊي-30 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي 3 ضلعن ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻَڌل آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر مطابق 26 آگسٽ تي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن جي روشني ۾ سيڪيورٽي فورسز 29 ۽ 30 آگسٽ تي بلوچستان جي ضلعن ڪيچ، پنجگور ۽ زوب ۾ انفارميشن بيسڊ آپريشن (آءِ بي او) ڪيو. ان آپريشن دوران 5 دهشتگرد ماريا ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿيا. انهن علائقن ۾ ڪنهن به دهشتگرد جي موجودگي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، هي آپريشن دهشتگردن جي سهولتڪارن جي خاتمي تائين جاري رهندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقيءَ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي.

مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores

متعلقہ مضامین