اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي سومر ۽ اڱاري دوران تيز برساتن سبب ڪشمير، اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪوه سليمان ۽ ڀرپاسي اتر اوڀر، ڏاکڻي بلوچستان جي جابلو علائقن جي مقامي برساتي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. تيز برساتن سبب اتر اوڀر، ڏکڻ پنجاب، پشاور، ڪراچي سميت هيٺين سنڌ جا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق اڱاري ڏينهن خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد، مٿانهين/ وچولي پنجاب، ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪشمير، اتر اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، اتر اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، اسلام آباد، ڏکڻ اوڀر سنڌ، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي ۾ 47، دالبندين، نوڪنڊي ۾ 46 ۽ دادو ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي پاران سومر ۽ اڱاري دوران تيز برساتن جي اڳڪٿي، ڪراچي سميت هيٺين سنڌ جا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو ظاهر
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر