وزيراعظم پاران بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن معصوم شهرين تي حملن ۾ ملوث خارجين جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ


اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن معصوم شهرين تي حملن ۾ ملوث خارجين جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ضلعي پنجگور، ڪيچ ۽ زوب ۾ 5 خارجين کي مارڻ ۽ ٽن کي زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ تي پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين.

مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena

متعلقہ مضامین