ڊيووس – 19 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته ناروي جي وزيراعظم پاڪستا?? جي معاشي ترقي ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو آهي. گذريل ڏينهن عالمي اقتصادي فورم جي 47 هين اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف ناروي جي پنهنجي هم منصب ارنا سولبرگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم نواز شريف ان موقعي تي ??يو ??ه پاڪستان ناروي سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جولائي 2015ع ۾ پنهنجي ناروي جي مثبت دوري، سيپٽمبر 2015ع ۾ گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ساڻس ملاقات جو به نواز شريف حوالو ڏنو.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔