انقره- 31 جولاءِ (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته غزه هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي قتل گاهه بڻجي چڪو آهي. ٽي آر ٽي مطابق هن چيو ته اولهه وارن اڳواڻن ۽ تنظيمن جو فرض آهي ته عالمي سلامتي کي يقيني بنائين، لڳ ڀڳ 300 ڏينهن کان ان ظلم ۽ بربريت کي صرف پري کان ڏس?? رهيا آهن. هن چيو ته اسرائيل ظلم ۽ جارحيت ۾ هٽلر کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. اسرائيل جون جارحاڻيون پاليسيون سڄي خطي کي شديد خطري ۾ وجه?? رهيون آهن ۽ هو بنا ڪن??ن رڪاوٽ جي غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪر?? رهيو آهي. هن عالمي اڳواڻن کان اسرائيل جي جاري بربريت کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان کان اڳ گهڻي دير ٿي وڃي، اسان کي هاڻي فوري قدمن جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل