پئرس-16 نو??بر (اي پي پي) پاڪستان کي 2023ع کان 2027ع تائين جي مدي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر يونيسڪو جي ايگزيڪيٽو بورڊ جو مي??بر چونڊيو ويو آهي، فرانس ۾ يونيسڪو ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي بيان ۾ ٻڌايو ته پاڪستان اڪثريت ۾ ووٽ حاصل ڪيا. بيان ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ اعتماد لاءِ مي??بر ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو ويو، بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان گڏيل مقصدن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن مي??بر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو. بيان ۾ چيو ويو ته ايگزيڪيٽو بورڊ ۾ خدمتون انجام ڏيڻ جي ذميواري سونپڻ پاڪستا?? لاءِ انتهائي فخر آهي. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان پاليسي سازي، اصولن جي ترقي، عالمي ترجيحن کي هٿي ڏيڻ ۽ تنظيم جي پروگرامن ۽ سرگرمين جي موثر نگراني ۾ پنهنجو حص?? وجهڻ لاءِ ان موقعي مان فا??دو کڻندو. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان جو يونيسڪو جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي مي??بر جي حيثيت سان ٻيهر چونڊجڻ گڏيل قومن جي حمايت ۽ ان جهڙن عالمي فورمن تي ان جي تعميري ڪردار جو ثبوت آهي.
پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر يونيسڪو جي ايگزيڪيٽو بورڊ جو ميمبر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : راکی