آذربائيجان جو صدر الهام عليوف پاڪستان جي دوري تي پهچي ويو، وزيراعظم پاران استقبال


اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جو صدر الهام عليوف پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ٻئي اڳواڻ ڀاڪر پائي مليا ۽ گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن آذربائيجان جي صدر کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. صدر الهام عليوف کي تپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. آذربائيجان جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. هو دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.

متعلقہ مضامین