لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي، غريب خاندان ر??ي ويا آهن، پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو، سوا ڪروڙ مستحق خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 28 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، نواز شريف ايٽمي ڌماڪن جي وقت پنج ارب ڊالر جي آڇ قبول ڪرڻ بدران ملڪي مفاد ۽ دفاع کي ترجيح ڏني. صحافين سان ڳالهائيندي وزير??عظ?? چيو ته موجوده حالتن ۾ غريب خاندان ر??ي ويا آهن، هڪ وقت جي ماني، علاج لاءِ پئسا ۽ نوڪري نه آهي، محمد شهباز شريف چيو ته پيڙهيل ماڻهن لاءِ 28 ارب روپين جي فنڊز جو پيڪيج جو آغاز ڪري رهيا آهيون جنهن تحت غريب گهراڻن کي 2 هز??ر روپيا ماهوار ڏنا ويندا، وزير??عظ?? چيو ته اسان جي اولين ترجيح معيشت جي ب??الي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ آهي جنهن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. هڪ سوال جي ج??اب ۾ هن چيو ته ايٽمي ڌماڪن جي وقت اڳوڻي وزير??عظ?? نواز شريف کي هر قسم جي لالچ ڏني وئي، پر هو نه ته ڪنهن ڌمڪي ۾ آيو نه ئي غير ملڪي سربراهن سان سخت لهجي ۾ ڳالهه ڪئي ۽ آمريڪي صدر سان انتهائي سٺي انداز ۾ چيو ته توهان 5 ارب ڊالر جي جيڪا آڇ ڪري رهيا آهيو ان تي توهان جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، مون کي پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، اسان پاڪستان جي دفاع تي حرف نه اچڻ ڏينداسين.
عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي، غريب خاندان رلي ويا آهن: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری