اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو و??ند??، اڳوڻي دور ۾ پيڪا آرڊيننس ۽ پي ايم ڊي اي جهڙن ڪارن قانونن ??ان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪ??ي وئي. اها ڳالهه هن سي پي اين اي، اي پي اين ايس، پي بي اي، پي ايف يو جي ۽ AEMEND جي نمائندن تي ٻڌل ميڊيا جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ??ان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائ??ند?? چئي. اجلاس ۾ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قانونسازي تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيمرا قانون ۾ مشاورت ??ان قانونسازي ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ شق شامل ڪ??ي و??ند??. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ٿيو ته فيڪ نيوز ??ان قومي سلامتي مفادن، عوام جي اتحاد کي نق??ان پهچائڻ جو تدارڪ ٿ??ند??. ان موقعي تي ڳالهائ??ند?? اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اظهار راءِ جي آزادي جي آئيني، مهذب حق جو فروغ چاهي ٿو. هن چيو ته صحافت جي موت سياست ۽ جمهوريت جي موت آهي، جمهوريت ۽ آئين جي پيداوار ئي اظهار راءِ جي اهميت ۽ قدر ڄاڻي ٿي. هن چيو ته سياست، صحافت ۽ عوام تي چار سال قيامت جا گذريا آهن، چينل، ڪالم، پروگرام، زبان ۽ اک بند ڪري قوم جي آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪ??ي وئي، پيڪا آرڊيننس ۽ پي ايم ڊي اي جهڙن ڪارن قانونن ??ان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪ??ي وئي. هن چيو ته ا??ان صحافي برادري جي مشاورت ??ان هلنداسين، توهان جي راءِ جي روشني ۾ ميڊيا جي آزادي کي فروغ ملندو. هن چيو ته چار سالن ۾ ملڪ جي معيشت وانگر ميڊيا کي به مالي طور تي تباهه ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين جي معاشي تباهي جو احساس آهي، چاهيون ٿا ته جلد انهن کي پهچندڙ نقصانن جو ازالو ڪريون. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ صحافي بيروزگار ٿيا، ڪيترائي فوت ٿي ويا، پگهارون اڌ ٿي ويون، انهن جي خاندان ۽ ٻارن جي تڪليفن کان آگاهه آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان ملڪ جي معاشي تباهي جي بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي. هن چيو ته غيرملڪي سازش ۾ صحافين تي سنگين الزامن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. پي ايف يو جي جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا، ڪوڙن کي گهر تائين پهچائينداسين. مريم اورنگزيب چيو ته جيڪو سچ ڳالهائي ٿو، چوري پڪڙي ٿو، عمران خان ان کي غدار بڻائي ڇڏي ٿو. هن چيو ته غيرملڪي سازش جي نالي تي ادارن، عدليه، ميڊيا تي گند اڇاليندڙن کي اسپيس نه ڏنو وڃي، ڪوڙ تي ٻڌل انتشاري فسادي بيانيي جي تدارڪ ۾ ميديا پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته سياستدانن جي پناهه جي جڳهه آزاد، غيرجانبدار ميڊيا هوندي آهي، ا??ان ان کي طاقتور ڪنداسين. ان موقعي تي وفد موجوده جمهوري حڪومت پاران ڳوڻي حڪومت جي ڪارن قانونن کي ڪالعدم ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪندي چيو ته اطلاعات واري وفاقي وزير عهدو سنڀال??ند?? ئي پي ايم ڊي اي جي ڪاري ضابطي کي ڪالعدم قرار ڏنو جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. اميد آهي جمهوري حڪومت جمهوري مزاج برقرار رکندي، آئين ??ان پيدا ٿيندڙ آزادي کي سگهه ملندي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد مريم اورنگزيب کي اطلاعات واري وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي پڻ مبارڪباد پيش ڪئي.
اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ