اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري بلوچستان يونيورسٽي گيٽ آڏو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جدا مذمتي بيانن ۾ هنن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هنن چيو ته ڌماڪي ۾ ملوث عنصر انسانيت جا دشمن آهن. شرپسند عنصر بلوچستان صوبي جي امن کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي پنهنجي ڪڌي مقصدن ?? ڪامي??بي حاصل نه ٿيندي. هنن الله تعاليٰ کان ڌماڪي ۾ فوت ٿيند??ن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتي??بي ۽ پونئيرن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2