اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان جي سياست عمران خان سان ڳنڍيل ??هي، پي ٽي آءِ ??ي نقصان پهچائڻ جي ڪ??شش ڪئي وئي ته شيهي جي ديوار ثابت ٿينداسين، حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي ڀلائي لاءِ ??وششون ڪري رهي آهي ۽ پرعزم آهي، بار ايسوسيئيشن جي سياست آزاداڻي هجڻ گهرجي، حڪومت جي ان ۾ ڪا به مداخلت نه آهي، انصاف لائيزر فورم جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ ??رپور ڪوششون ڪيون وينديون، اهڙن خيالن جو اظهار هن انصاف لائيرز فورم راولپنڊي اسلام آباد جي وفد سان ڳالهائيندي ڪ??و. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص مددگار شهباز گل ۽ ايڊوڪيٽ جنرل نياز الله نيازي به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، راولپنڊي ملتان ۽ پن??اب بار ڪائونسل پنهنجون چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، ٻيون بار ايسوسئيشنُون به ٽيڪنالاجي جي استعمال مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته اسان جي سياست عمران خان سان ڳنڍيل ??هي، پي ٽي آءِ ??ي نقصان پهچائڻ جي ڪ??شش ڪئي وئي ته شيهي جي ديوار ثابت ٿينداسين، هن چيو ته نوجوان وڪيلن کي قرضن جي فراهمي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سان ڳالهه ڪئي آهي، ڪامياب نوجوان پروگرام تحت نوجوان وڪيلن کي 10 لک روپين تائين قرض فراهم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ به وڪيلن کي شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ