ترجمو: صنم جوڻيجو/ روپ ميگهواڙ
اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) ملڪ ۾ اداراجاتي سڌ??رن ۽ مختلف سرڪاري اد??رن ۽ کاتن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي ذريعي انهن جي معاملن کي بهتر رخن تي قائم ڪرڻ وقت به وقت اقتدار ۾ ايندڙ لاڳاپيل حڪومتن تي لاڳو هڪ وڏي ذميواري هئي. جيتوڻيڪ ماضي جي حڪومتن پاران سرڪاري کاتن ۽ حڪومتي ملڪيتي اد??رن جي صلاحيت ۾ بهتري جون وڏيون دعوائون ته ڪيون وينديون رهيون پر هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ پاڪستان ريلويز، قومي فضائي ڪمپني (پي آءِ اي) ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جهڙن وڏن سرڪاري اد??رن سان گڏوگڏ ٻين ننڍن اد??رن جي نظم ۽ ضبط ۾ مسلسل مالياتي عدم موزونيت واضح طور تي ڏٺي وئي.
وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ موجوده حڪومت سرڪاري اد??رن ۾ سڌ??رن تحت انهن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري جو ٻيڙو کنيو آهي، ان سلسلي ۾ ناليواري اقتصادي ماهر ۽ ناليواري سڌارا پسند ڊاڪٽر عشرت حسين کي ان ڪم جي ل??ءِ وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.
سڌ??رن جي ضرورت، اهميت ۽ عملدرآمد جي صورتحال تي روشني وجهندي ڊاڪٽر عشرت حسين چ??و ته اهو هڪ مشڪل ڪم آهي جيڪو هن ڀيري مرحليوار انداز ۾ سرانجام ڏنو پيو وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته قوم جي نئين سر تعمير ۾ سرڪاري اد??رن جي مددگار ڪردار کي نظر ۾ رکندي انهن اد??رن کي صحيح رخ تي آڻي گهربل نتيجا حاصل ڪيا ويندا. اي پي پي سان خ??وصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چ??و ته سڌ??رن جي عمل کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ وفاقي اد??رن ۾ هڪ ئي قسم جي ڪم ڪندڙ اد??رن کي پاڻ ۾ ضم ڪري انهن جو انگ گهٽ ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر عشرت حسين چ??و ته بنا ڪنهن مستقبل جي منصوبابندي جي ڪري سرڪاري اد??رن جو انگ 441 تائين وڌي چڪو هو، اسان انهن مان ڪجهه اد??رن کي ختم ڪرڻ، بند ڪرڻ يا نجڪاري جي ذريعي انهن جي انگ کي 342 تائين گهٽ ڪيو آهي.
ٻئي مرحلي بابت ڊاڪٽر عشرت حسين ٻڌايو ته پي آءِ اي، پاڪستان ريلويز، پاڪستان اسٽيل ملز ۽ ٻين سرڪاري اد??رن جي بحالي، نئين سر تعمير ۽ نئين سر جوڙجڪ ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسان انهن اد??رن کي حڪومت جي ماتحت يا پاڪستان اسٽيل ملز وانگر پبلڪ پرائيويٽ حصيداري تحت منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جا خواهشمند آهيون.
ڊاڪٽر عشرت حسين وڌيڪ چيو ته سول سروسز جي سڌ??رن جو عمل اداراجاتي سڌ??رن جو ٽيون اهم قدم آهي. هن چ??و ته وڏن سڌ??رن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ڪجهه تي ته عملدرآمد به ڪيو ويو آهي. هن چ??و ته منهنجي نظر ۾ ملڪ جي سول سروسز ۾ ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ ۽ ترقي جي پاليسي، سول سروسز جون بنيادي ڪمزوريون آهن، ڇاڪاڻ جو اڳ کان موجود پاليسي سان اسان سٺي ۽ خراب ڪارڪردگي رکندڙ سول سرونٽس ۾ فرق نه ڪري سگهندا هئاسين. هن چ??و ته ملازمن جي سالياني ڪانفيڊنشل رپورٽ (اي سي آر) تي دارومدار ڪرڻ بدران ملازمن جي ڪارڪردگي جانچڻ ل??ءِ ڪارڪردگي جا اهم جز متعارف ڪرايا ويا آهن، هاڻي رڳو سينيارٽي جي بيناد تي ترقي نه ٿيندي پر ڪارڪردگي، ٽريننگ ۽ اهليت جي بنياد تي ترقي ڏني ويندي. ڊاڪٽر عشرت حسين ٻڌايو ته جڏهن پروموشن رولز لاڳو ڪيا ويا ته ڪنهن ان کي عدالت ۾ چئلينج به ڪيو هو پر فيصلو ڏنو ويو ته رولز ميرٽ تي ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن ۾ ڪجهه غلط نه آهي.
هن چ??و ته سول سروس ريفارمز تحت وفاقي حڪومت جون جايون 6 لک 40 هزار مان 5 لک 70 هزار تائين گهٽ ڪيون پيون وڃن ۽ ان حوالي سان گريڊ هڪ کان 16 جي 70 هزار جاين کي ختم ڪيو پيو وڃي. هن چ??و ته اهڙي طرح ڪئي ويندڙ بچت سان سول سرونٽس جون پگهارون وڌايون وينديون.
اهڙي طرح سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) جي سڌ??رن تي به غور ڪيو پيو وڃي. هن چ??و ته سڌ??رن جي ل??ءِ پئڪيج کي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ پروفيشنلز جي ترقي جا موقعا وڌندا. اسان نيشنل ايگزيڪيوٽو سروس کي عام ملازمن ۽ ماهرن جي درجابندي جي تجويز ڏئي رهيا آهيون. هن چ??و ته سي ايس ايس جي امتحانن جي طريقيڪار جي نئين سر جوڙجڪ تحت اميدو??رن کان پڇڻ گهرجي ته اهي پنهنجي دلچسپي جي مضمونن جا امتحان ڏئي پنهنجي مرضي جي سروس ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. هن چ??و ته قومي سطح جي مقابلي جي امتحان ۾ شرڪت کان اڳ اميدو??رن کي پنهنجي دلچسپي جي شعبي جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
سڌ??رن جي چوٿين مرحلي بابت ڊاڪٽر عشرت حسين چ??و ته آفيس جي طريقيڪار کي پراڻي فائيل سسٽم بدران اليڪٽرانڪ آفيس ورڪ (اي آفيس) ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، سمورو مواد ويب سائيٽ تي موجود هوندو ۽ ڪيترن ئي ڪيسز ۾ عوام کي آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا. هن چ??و ته اداراجاتي سڌ??رن جي چئني مرحلن تي عملدرآمد مختلف مرحلن ۾ آهي ۽ اهو عمل ايندڙ ڏينهن ۾ تيز ڪيو ويندو. اسان فيصلا ڪري رهيا آهيون ۽ گڏوگڏ عملدرآمد به ڪري رهيا آهيون. هن چ??و ته جول??ءِ 2019ع ۾ وفاقي حڪومت اد??رن جي نئين سر تنظيمس ازي جي منظوري ڏني هئي ۽ هڪ عملدرآمد ڪميٽي فيصلا لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهي آهي.
پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري اداراجاتي سڌ??رن جي حوالي سان چ??و ته اداراجاتي سڌارا رڳو قانون ۽ پاليسين ۾ ترميم ئي نه پر اهو روياجاتي انتظام به آهي. هن چ??و ته سڌ??رن کي ڪامياب بڻائڻ تمام اهم آهي، اسان کي صرف قانون ۾ سادي تبديلي نه پر ڏهاڪا پراڻي ذهنيت کي به تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي پاليسيز ۽ رولز جي ڪا کوٽ نه آهي، پر ان جي لاڳو ۽ عملدرآمد جي کوٽ آهي. هن چ??و ته اسان کي بدلجندڙ عالمي رجحانن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ڪم ڪرڻ جي جديد ۽ مرڪوز طريقيڪار طرف وڌڻو پوندو. وزيراعظم جي اداراجاتي سڌ??رن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين پاران سڌ??رن جي عمل کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهندي ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري چيو ته هڪ ئي ڀيرو سڌ??رن کي متعارف ڪرائڻ بدران وزيراعظم جو صلاحڪار مرحليوار سڌ??رن کي متعارف ڪرائي رهيو آهي. هن چ??و ته سڌ??رن جو مرحليوار لاڳو هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي. هن چ??و ته اداراجاتي سڌ??رن تحت غيرفعال سرڪاري اد??رن کي ضم يا ختم ڪري اد??رن جو انگ اٽڪل ساڍا چار سئو کان گهٽ ڪري ساڍا ٽي سئو تائين ڪيو ويو آهي. مختلف اد??رن کان هڪ ئي ڪم ڪرڻ جي نظام کي بدلائڻ جي ضرورت آهي. اهڙي طرح سول سروسز ريفارمز جي حوالي سان ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري چيو ته ان سلسلي ۾ به مرحليوار سڌ??رن جو عمل جاري آهي جيڪو هڪ سٺو عمل آهي. هن چ??و ته سڌ??رن جو عمل آهستي آهستي ۽ ان تي مڪمل عملدرآمد جو گهرجائو آهي. هن چ??و ته سڌ??رن جو مطلب روين ۽ انتطامي طريقڪار ۾ تبديلي آڻڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڌ??رن کان خوفزده گروپن جي ر??ءِ حاصل ڪرڻ به ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو ٻي صورت ۾ سڌ??رن جو گهربل نتيجو حاصل نٿو ڪري سگهجي.