اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي سريلنڪن هم منصب مهندا راجا پاڪسي جي دعوت تي سريلنڪا روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم جو س??يلنڪا جو اهو دورو ٻن ڏي??هن جو هوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جو س??يلنڪا جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم دوري دوران سريلنڪا جي صدر ۽ پنهنجي هم منصب سان ملاقاتون ڪندو جڏهن ته دوري دوران اعليٰ سطح ج?? ملاقاتن ۾ واپار، سيڙپڪاري، صحت، تعليم، زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون به ٿينديو??. و??يراعظم جوائنٽ ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندو. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ 1948ع کان دوستي جو مضبوط تعلق قائم آهي. وزيراعظم عمران خان جو اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ تعاون جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا روانو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان