اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل افتخار بابر چي?? آهي ته ڀارتي پائليٽ اڀي نندن جي آزادي کي ڪنهن ٻي شيءَ سان جوڙڻ انتهائي گهمراه ڪندڙ آهي، اها شيءَ ڪنهن به پا??ست??ني لاءِ قابل قبول نه آهي، پلوامه واقعي ۾ ڀارت کي نه رڳو منهن جي کائڻي پئي پر پوري دنيا ۾ خواري به کنئي، دشمن جا جهاز جيڪو بارود پا??ست??ن جي عوام تي ڪيرائڻ آيو هئا اهي خالي جبلن تي اڇلي هليا ويا، پا??ست??ن اعلانيه هندستان کي ڏينهن جي روشني ۾ جواب ڏنو، دشمن جا 2 جهاز ڪيرايا، پائليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو، الله جي نصرت سان اسان کي هندستان جي خلاف واضح فتح نصيب ٿي ۽ پوري قوم جو سر فخر مان بلند ??يو?? پا??ست??ن جي فتح کي سڄي دنيا ۾ به تسليم ڪيو ويو. هو آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽور??ٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا