اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، غاصباڻي ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قرارداد جي اتفاق راءِ سان ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اها قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پا??ان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪرڻ کي ورجائي ٿو ??نه?? جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرانساني قبضي کي برقرار رکڻ آهي. هي ايوان زور ڏي ٿو ته ڀارت جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن م??اهدن ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هي ايوان ڀارتي حڪم??ان پارٽي بي جي پي پا??ان ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا جو فائدو کڻندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نئون ڊوميسائيل قانون م??عارف ڪرائڻ جي مذمت ڪري ٿو ??نه?? جو مقصد هندوتوا جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي خطي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪرڻ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي واحد مسلمان اڪثريتي علائقي جي مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن م??اهدن ۽ عالمي قانونن بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. قرارداد ۾ ڀارت جي هٿياربند فوج پا??ان ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن، ڇاپن ۽ تلاشين ۾ عدالت کان ??ٿانهون قتل ڪرڻ ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ ۽ قيد ڪرڻ جي قدمن جي پڻ سخت مذمت ڪئي وئي آهي.
سينيٽ پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ