اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خميس ڏينهن ملائي??يا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، هن پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي پاران مهاتير محمد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو هڪ مدبر ۽ اعليٰ اڳواڻ آهي، وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ملائي??يا جي وزيراعظم کي عام چونڊن ۾ ”پاڪا تن هراپن“ جي ڪاميابي تي م??ار??باد ڏني، هن ملائي??يا جي مستحڪم اقتصادي ترق?? جي لاءِ وزيراعظم مهاتير محمد جي ويزن جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم مهاتير محمد به وزيراعظم عمران خان جي لاءِ اهڙن جذبن جو اظهار ڪندي پاڪستان جي تازين چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪاميابي تي م??ار??باد ڏني، وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ هڪٻئ?? جي مهارتن مان فائدي لاءِ عملي سطح تي حصيدار?? جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم ملائي??يا جي هم منصب کي پاڪستان جي دور?? جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪري ورتي، وزيراعظم مهاتير محمد به وزيراعظم عمران خان کي ملائي??يا جي جلد دور?? جي دعوت ڏني ۽ هن به اها دعوت قبول ڪري ورتي.
وزيراعظم عمران خان جو ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia