ڪراچي – 28 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد زبير سان اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ صلاحڪار مصدق ملڪ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اظهار راءِ، صحافت جي آزادي، عوامي ڀلائي جي منصوبن جي تشهير، معاشي خوشحالي ۾ ميڊيار جي ڪردار سميت اهميت وارن ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر هائوس پاران ??اري ڪيل پڌرائي موجب ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته امن امان قائم ڪرڻ کانپوءِ صوبي ۾ سيڙپڪاري، صنعتي، ڪاروباري، واپاري، سماجي، ثقافتي ۽ ٻين مثبت سرگرمين ۾ تسلسل سان اضافو ٿي رهيو آهي، ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ويو آهي جتي رات دير تائين واپاري، ڪاروباري، سماجي ۽ ٻيون سرگرميون جاري رهن ٿيون، وفاقي حڪومت جي قدمن سبب صوبي ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن جنهن سان عوام جي زند??ي جو معيار پڻ بلند ٿي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ