اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين ملڪ ۾ عدم برداشت ۽ عدم رواداري جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو رويو ملڪ جي لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيندو جنهن جي خراب اثرن کان انفرادي ۽ اجتماعي ط??ر تي ??ير به بچي نه سگهندو ۽ دهشتگردي جي خلاف قوم جون ڪاميابيون به ناڪامي ?? بدلجي سگهن ٿيون. صدر اها ڳالهه ملڪ ۾ عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان تي ڏک جو اظهار ڪندي چئي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ آئون انتهائي ڏکويل دل سان پنهنجي قوم کي مخاطب آهيان. آئون محسوس ڪريان ٿو ته ملڪ ۾ عدم برداشت جو جيڪو رجحان شدت پڪڙي رهيو آهي، قوم خاص ط??ر تي نوجوانن کي ان جي تباهي کان خبردار نه ڪيو ويو ۽ ان جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏ معاشري جي سمورن طبقن مڪمل هڪ جهڙائي سان تع??ون نه ڪيو ته ان جا نتيجا انتهائي خوفناڪ هوندا.
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری