اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي، ملڪ ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڪي ڳجها ٺڪاڻا نه آهن، دهشتگردي خ??اف دنيا جي سڀ کا وڏي جنگ ??ڙهي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته بحران، مشڪلاتون ۽ چئلينجز ايندا رهندا آهن، حڪومت جو ڪم انهن جو مقابلو ڪرڻ آهي ۽ اهو اسان ڪري رهيا آهيون، گڏيل قو??ن جون جيڪي به قراردادون آهن اسان انهن جي مڪمل تعميل ڪريون ٿا، حڪومت سمورن مسئلن کي خ??ش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي خطرا نه آهن پر مسئلا آهن جن جو اظها?? مختلف فورمن تي ڪجهه ملڪن ڪيو آهي جنهن جو پاڪستان وڏو واضح جواب به ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اسان جو ان حوالي سان جواب وڏو واضح آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڳجها ٺڪاڻا نه آهن ۽ نه ئي پاڪستان ڪنهن قسم جي دهشتگردي جي حمايت ڪري ٿو پر پاڪستان ته هن وقت دهشتگردي جي خ??اف دنيا جي سڀ کان وڏي جنگ ??ڙهي رهيو آهي.
پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر