نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران وزيراعظم ڪشمير جو مسئلو اٿاريو ۽ عالمي اداري جي سربراهه کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هٿان معصوم شهرين جي مارجڻ جا ثبوت ڏنا جڏهن ته کيس رياستي دهشتگردي جي شڪار بي گناهه معصوم ماڻهن ج??ن تصويرون ڏيکاريون. بان ڪي مون ڀارتي فورسز طرفان پيلٽ گنز جي استعمال واري ظلم ۽ بربريت ج??ن تصويرون ڏسي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم والاريل ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سا?? بان ڪي مون جي بيان تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم گذريل 74 ڏينهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ 100 ماڻهن جي شهادت ۽ ان پيلٽ گنز جي بي رحماڻي استعمال کان آگاهه ڪيو جنهن سبب سوين ماڻهو اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔