بيجنگ -17 اپريل (اي پي پي) چين جي گڏيل ملڪي پيداوار ۾ هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ 5.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن م??ابق بل??مبرگ جي تجزيڪارن ان عرصي ?? 4.8 سيڪڙو اوسر واري شرح جي اڳڪٿي ڪئي هئي، جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب گڏيل ملڪي پيداوار ۾ نمايان طور تي 5.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. چين جي سرڪاري انگن اکرن واري اداري پنهنجي هڪ بيان ?? چيو آهي، ته قومي معيشت بحالي جي رفتار کي برقرار رکيو آهي. صنعتي پيداوار ۽ زراعت ۾ ترتيبوار 6.1 سيڪڙو ۽ 3.8 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته سروسز سيڪٽر ۾ 5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. بيان ?? چيو ويو آهي، ته چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي ۽ صدر شي جن پنگ جي مضبوط قيادت ۾ معيشت سٺي شروعات ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر