مڪو شريف – 04 جنوري (اي پي پي) سعود?? عرب جي سياحت واري وزارت جي جاچ ٽيمن مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ سياحن کي مقرر سهولتون فراهم نه ڪرڻ تي 330 هوٽ??ن ۽ فرنشڊ اپارٽمينٽس کي بند ڪري ڇڏيو آهي. سعودي اخبار 24 مطابق سياحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ٽيمن مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ هوٽ??ن ۽ فرنشڊ اپارٽمنٽس جا 4 هزار کان وڌيڪ جاچ دورا ??يا. جاچ ٽيمن 2 هزار کان وڌيڪ ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون. ضابطي جي ڪاروائي ڪندي نوٽس جاري ڪيا ويا جڏهن ته سنگين ڀڃڪڙين تي هوٽلن کي بند ڪيو ويو. مڪه مڪرمه ۾ 280 جڏهن ته مدينه منوره ۾ 50 کان وڌيڪ هوٽ??ن ۽ اپارٽمنٽس کي بند ڪيو ويو. انتظاميا کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ڀڃڪڙيون ختم ڪرڻ کانسواءِ هوٽلن کي کولي نٿو سگهجي.
مضمون کا ماخذ : راکی