تل ابيب/غزه-11 آڪٽوبر (اي پي پي)اسرائيل گذريل 5 ڏينهن کان جاري فضائي حملن کان پوءِ هاڻي غزه ۾ زميني فوجي ڪارروائيءَ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان مقصد لاءِ 3 لک اسرائيلي ??وجي غزه جي سرحد تي گڏ ٿي چڪا آهن. اسرائيل اڳ ئي غزه جو مڪمل گهيرو ڪري کاڌي پيتي، پاڻي، ٻارڻ ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي. الجزيره ۽ بي بي سي مطابق غزه جي عملدارن چيو آهي ته علائقي کي بجلي ??راهم ڪندڙ بجلي گهرن ۾ ڪجهه ڪلاڪن جو ٻارڻ رهجي ويو آهي، جنهن بعد ان بجلي گهر مان بجلي جي پيداوار مڪمل طور تي بند ٿي ويندي ۽ پورو علائقو اونداهه ۾ ٻُڏي ويندو. عملدارن مطابق هن وقت غزه ۾ وڏو الميو جنم وٺي رهيو آهي ۽ هتي جي ره??اس??ن کي زندگيءَ جي ضرورتن جي شين تائي رسائي حاصل ناهي. اسرائيلي ??ٿياربند فوج جي ترجمان 3 لک ريزور فوجين جي غزه جي سرحد تي گڏ هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيلي ??وج غزه جي علائقي بيت هانون ۾ گذريل رات دوران 80 هدف ۽ الفرقان ۾ 200 هدفن کي فضائي حملن ??و نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ان ڪارروائيءَ دوران علائقي ۾ حماس کي فنڊز جي فراهمي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻن بئنڪن، حماس جي ٻن آپريشن ڪمانڊ سينٽرز، هڪ سرنگ ۽ غزه جي فضائي حدن ?? جهازن جي نشاندهي ڪرڻ وارن مرڪزن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي ??وج چيو آهي ته غزه ۾ جنگ ۾ تمام وڏي تيزي آندي ويندي ۽ اتي ايتري تباهي ٿيندي ايندي جو اتان جا ماڻهو اهو برداشت نه ڪري سگهندا. آمريڪا جي قومي سلامتي جي مشير جيڪ سيلوان چيو آهي ته سندس ملڪ غزه جي ره??اس??ن کي محفوظ رس??و فراهم ڪرڻ لاءِ اسرائيل ۽ مصر سان گڏ ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هوڏانهن اولهندي ڪناري جي هزارين فلسطيني ره??اس??ن غزه ۾ اسرائيل جي فضائي حملن خلاف احتجاج ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙن فلسطيني جهنڊي ۽ اسرائيلي ??ضائي حملن ۾ شهيد ٿيلن جون تصويرون کنيل هيون.
اسرائيل طرفان غزه ۾ زميني فوجي ڪارروائيءَ جو اعلان، 3 لک ريزرو فوجي سرحد تي گڏ ٿي ويا
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات