صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران پارٽي چيئرمين جي چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر نذير حسين ڍوڪي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار


اسلام آباد-14 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پارٽي چيئرمين جي چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر نذير حسين ڍوڪي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ايوان صدر ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ ڪيل سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري.

متعلقہ مضامین