شبلي فراز سان هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين طارق بنوري جي ملاقات


APP58-14 ISLAMABAD: September 14 – Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz in a meeting with Chairman HEC Tariq Banuri. APP

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي چيئرمين طارق بنوري ملاقات ڪئي. ايڇ اي سي جي چيئرمين طارق بنوري اطلاعات واري وزير کي ايڇ اي سي جي ورڪنگ ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته تعليم جي شعبي جي ترقي وزيراعظم عمران خان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شعبي کي عالمي معيار تي قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته تعليم ڪنهن به روشن ۽ مهذب معاشري جو بنياد آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:45

متعلقہ مضامین