وزيراعظم ڪورونا ۽ معاشي مشڪلاتن کي هڪ ئي وقت منهن ڏئي رهيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ


APP43-19 SIALKOT: April 19 – Special Assistant to PM for Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing to media. APP photo by Munir Butt

سيالڪوٽ – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاسق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم ڪورونا ۽ معاشي مشڪلاتن کي هڪ ئي وقت منهن ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم سمجهي ٿو ته جيڪڏهن معيشت جو ڦيٿو هلندو ته مزدور جو چلهو ٻرندو، هن چيو ته رمضان مهيني کان اڳ ننڍن دڪاندارن جي لاءِ حڪومت پئڪيج جو اعلان ڪندي. خاص مددگار جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال مان ناجائز فائدو کڻندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي ضرورتن ۽ عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪنداسين، حڪومت ڪڻڪ خريداري جي لاٰ 280 ارب رپين جي رقم رکي آهي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج

متعلقہ مضامین