چين کان خريد ڪيل هڪ لک ٽن کان وڌيڪ طبي سامان پاڪستان پهچي ويو آهي: ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل


APP05-13 ISLAMABAD: May 13 – Chairman NDMA, Lieutenant General Muhammad Afzal addressing a media briefing at PID media center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ لاءِ چين کان خريد ڪيل هڪ لک ٽن کان وڌيڪ طبي سامان پاڪستان پهچي ويو آهي، وينٽي ليٽرز کانسواءِ هاڻي سمورو حفاظتي سامان مقامي مارڪيٽ مان خريد ڪيو پيو وڃي، سامان جي خريداري ۽ پهچ جي عمل ۾ مڪمل شفافيت کي يقيني ويو آهي، ڪورونا جي ٽيسٽنگ لاءِ گهربل سمورو سامان دستياب آهي، هن وقت سڄي ملڪ ۾ 70 ليبارٽريون ڪم ڪري رهيون آهن، مڪڙن جي روڪٿام لاءِ زميني ۽ فضائي اسپري جو انتظام ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.

مضمون کا ماخذ : Raging Rhino

متعلقہ مضامین