وزيراعظم پاران گهرو وزارت کي عدم تشدد جو بل پاس ڪرائڻ لاءِ ڪوششُون ڪرڻ جي هدايت


اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهرو وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته هو عدم تشدد جو بل قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪري. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته گهرو وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته عدم تشدد جي بل کي قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ جي لاءِ قدمن کي تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته تشدد ڪنهن به مهذب جمهوري معاشري ۾ ناقابل قبول آهي ۽ اهو اسلام جي تعليم، اسان جي آئين ۽ عالمي معاهدن جي به خلاف ورزي آهي.

متعلقہ مضامین