وزيراعظم پاران چونڊيل نمائندن کي عوام سان پنهنجي رابطا مهم تيز ڪرڻ جي هدايت


APP59-240122 ISLAMABAD: January 24 – A delegation of Parliamentarians calls on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي آهي ته هو عوام سان پنهنجي رابطا مهم تيز ڪن ۽ عوامي مسئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان رابطو بهتر بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وفاقي وزير سيد شبلي فراز سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي ضلعي چيئرمين گمبٽ ۽ ڪوهاٽ ساجد اقبال به موجود هو. ملاقات ۾ ضلعي ڪوهاٽ ۾ پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي منصوبن سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چونڊيل عوامي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو نه رڳو عوام سان پنهنجي رابطا مهم کي تيز ڪن پر انهن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن کي به بهتر بڻائين، ان موقعي تي آزاد چونڊيل ضلعي چيئرمين لاچي، ڪوهاٽ محمد احسان ۽ ڪوهاٽ سٽي ميئر جي آزاد اميدوار شفيع الله پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان پارٽي ۾ شموليت تي انهن جي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو تڪ جي ماڻهن جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪم ڪندا.

متعلقہ مضامین