حڪومت عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي جي منصوبن جي تڪميل ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائي رهي آهي: وزيراعظم


APP51-060122 ISLAMABAD: January 06 – Governor Punjab Ch. Muhammad Sarwar called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عوام لاءِ صحت، تعليم، سستي رهائش، سماجي تحفظ ۽ صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي جي منصوبن جي تڪميل ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائي رهي آهي. اها ڳالهه هن پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آبِ پاڪ اٿارٽي ۽ سڄي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے

متعلقہ مضامین