قانونسازي جي ذريعي محتسب جي اداري ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت آهي: صدر


APP37-150222 ISLAMABAD: February 15 - President Dr. Arif Alvi being briefed about the role and performance of Wafaqi Mohtasib at the Federal Ombudsman Secretariat. APP

اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ذريعي محتسب جي اداري ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ انتظامي ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي پهچ وڌائڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي دوري دوران اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر کي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي متاثر ماڻهن کي بنا معاوضي انصاف جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فوري انصاف جي فراهمي لاءِ قانونسازي جي مدد سان وفاقي محتسب کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائڻو پوندو. صدر چيو ته بهتر طرز حڪمراني جي لاءِ ناانصافي ڪندڙ سرڪاري ادارن سان رابطا وڌائڻ سان گڏوگڏ وفاقي محتسب جي خدمتن ۽ ڪردار بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو متاثر ماڻهن کي مفت انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته اداري 2021ع ۾ 106732 شڪايتن کي اڪلايو جڏهن ته ان کي 110398 شڪايتون مليون، سال 2021ع ۾ 42 هزار کان وڌيڪ آن لائين شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي، 92.7 سيڪڙو کان وڌيڪ هدايتن تي عملدرآمد ڪيو ويو ۽ 1.85 ارب رپين جي معاملن ۾ انصاف فراهم ڪيو ويو. وفاقي محتسب صدر کي ضلعي ۽ ذيلي سطح تي انصاف جي فراهمي لاءِ پهچ وڌائڻ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڏورانهن علائقن جي ماڻهن جي سهولت لاءِ 14 علائقائي آفيسون قائم ڪيون ويون آهن، سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ عالمي هوائي اڏن تي ون ونڊو سهولتي ڊيسڪون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ صوبائي محتسب کانسواءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ وفاقي محتسب جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان، صدارتي سيڪريٽريٽ جي ڪنسلٽنٽ (قانوني معاملا) جسٽس (ر) سيد زاهد حسين ۽ وفاقي محتسب جي سينيئر صلاحارن پڻ شرڪت ڪئي.

متعلقہ مضامین