ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر


APP49-110222 ISLAMABAD: February 11 - President Dr Arif Alvi along with staff attend Friday sermon on the topic of 'Societal Classes and Islamic Society' being delivered by Khateeb International Islamic University, Dr. Zia ur Rehman , at Jamia Masjid at Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) عالمي اسلامي يونيورسٽي جي خطيب ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان ايوان صدر جي جامع مسجد ۾ سماجي طبقن ۽ اسلامي معاشري جي موضوع تي جمعي جي خطبي ۾ چيو ته اسلام انسان کي رنگ ۽ نسل بدران الله ۽ ان جي بندن جي حقن جي ادائيگي جي بنياد تي عزت ۽ احترام جو رتبو ڏيندو آهي،

ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر ضياءُ الرحمان پنهنجي خطبي ۾ چيو ته الله تعاليٰ نظام ۾ توازن پيدا ڪرڻ ۽ انسانن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن جي ضرورتن کي هڪٻئي سان ڳنڍيو آهي، جيتوڻيڪ صاحب حيثيت طبقي تي لازمي آهي ته هو حاصل نعمتن ۾ ٻين کي به شامل ڪن، غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ مستحقن جو انهن تي حق آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ ۽ انهن جي بندن جا حق ادا ڪرڻ، ڪمزورن تي احسان ڪرڻ اعليٰ صفتون آهن ۽ ان جو وڏو اجر آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری

متعلقہ مضامین