ملڪ ۾ ڊيجيٽل ٽرانزيڪشن جي فروغ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي: صدر


APP62-09 ISLAMABAD: November 09 - President Dr. Arif Alvi, addressing the soft launch ceremony of Financial Pakistan Expo, 2020, at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڊيجيٽل ٽرانزيڪشن جي فروغ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، شموليتي سيڙپڪاري ۾ سمورن شعبن خاص طور تي عورتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڪرپشن کان بچاءُ، ڪارڪردگي ۾ اضافي ۽ نظم ۽ ضبط تي ڌيان ڏيڻ سان ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، موجوده حڪومت روزگار ۽ تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انهن شعبن ۾ اڻبرابري ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شموليتي سيڙپڪاري پاڪستان ايڪسپو 2020ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II

متعلقہ مضامین